شوبز

ڪرينا 12 ڪروڙ معاوضي واري افواهه کي ڪوڙو قرار ڏنو

بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور خان 12 ڪروڙ معاوضي واري افواهه کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪرينا ڪپور بابت اهي افواهه تمام گهڻا پکڙيا هئا تھ کيس فلم سيتا جي آڇ ٿي، جنهن ۾ ڪردار جا هن 12 ڪروڙ رپيا گهريا آهن. ڪرينا ڪپور خان اهڙي ڳالهه تان تنقيد جو نشانو پڻ بڻي، پر هاڻ ڪرينا خاموشي ختم ڪندي چيو آهي تھ فلم سيتا ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ئي نھ ٿي، 12 ڪروڙ ڪئين گهرنديس. هن چيو تھ خبر ناهي تھ مون بابت اها افواهه ڇو پکيڙي وئي، ڪنهن ان کي اڳتي وڌايو. ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button