
ڪراچي: ماڊل ۽ اداڪارا شازيا ناز خان انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ مون کي هڪ اداڪار فلم ۾ ڪردار ڪرڻ جي آڇ ڪندي پروڊيوسر سان اڪيلائي ۾ ملڻ جو مشورو ڏنو، برطانيا سميت مختلف ملڪن ۾ شوبز انڊسٽري ملڪي معيشيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستاني ڊراما انڊسٽري ۾ لاڳيتو مواد تيار ڪيو پيو وڃي پر فلم انڊسٽري پوئتي آهي. هن پروگرام ۾ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ڪاسٽنگ ڪائوچ جو رواج دنيا جي تمام انڊسٽريز ۾ موجود آهي، پاڪستان ۾ به ڪاسٽنگ ڪائوچ موجود آهي، اتي ڇوڪرين کان وڌيڪ ڇوڪرا ان جو وڌيڪ نشانو بڻجن ٿا ۽ ان جي ڄاڻ هر ڪنهن کي آهي، پر هر شخص جي پسند ۽ نا پسند تي ڀاڙي ٿو ته هو مسئلي کي ڪئين منهن ڏين ٿا.