شوبز

عراقي اداڪارا ٿلهو سڏڻ تي برطانوي رسالي خلاف ڪيس ڪندي

عراق جي مشهور اداڪارا اناس طالب برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي تھ قانوني ڪاروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق دي اڪنامنسٽ نالي رسالي جي تازي مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ عرب اداڪارائون مرد کان وڌيڪ ٿلهيون ٿينديون آهن، جنهن ڳالهه اداڪارا اناس طالب کي ڪاوڙايو آهي. هن چيو تھ منهنجي تصوير کي رسالي اجازت بنا ڇاپي حقيقتن کان هٽي پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو تھ فوٽو شاپ ذريعي تصوير کي تبديل پڻ ڪيو ويو آهي. هن اهو پڻ چيو تھ مان تھ صحتمند ۽ خوش آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button