شوبز

سدرا بتول رڳو اسلامي موضوع وارن ڊرامن ۾ ڪم ڪندي

پاڪستاني اداڪارا سدرا بتول اعلان ڪيو آهي تھ مان هاڻ رڳو اسلام جي موضوع تي ٺهندڙ ڊرامن ۾ ڪم ڪنديس. سوشل ميڊيا تي سيشن دوران مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ سندس اندر ۾ تبديلي آئي آهي ۽ اها تبديلي انسان ۾ ڪهڙي بھ وقت اچي سگهي ٿي. هن جو چوڻ هو تھ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏيو ناهي، پر اسلام خاطر تيار ٿيندڙ ڊرامن ۾ ئي ڪم ڪنديس. هن چيو تھ حجاب پائي رهي آهيان ۽ ڊرامن ۾ پڻ حجاب ۾ ئي ڪم ڪري سگهان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button