شوبز

سلمان خان پاڙيسري تي نفرت پکيڙڻ جو الزام هڻي عدالت پهچي ويو

بالي ووڊ فلمن جو سلطان سلمان خان پنهنجي ئي پاڙيسري ڪيتن ڪڪڙ خلاف ڪاروائي جي ڏس ۾ ممبئي جي عدالت پهچي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق درخواست ۾ سلمان خان الزام لڳايو آهي تھ، پاڙيسري ڪيتن ڪڪڙ سندس خلاف ماڻهن ۾ نفرت پکيڙڻ سان گڏ فرقيواريت کي هوا ڏيڻ واريون پوسٽون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري رهيو آهي، جنهن کي روڪيو وڃي. ياد رهي تھ سلمان خان اهڙو ئي ڪيس مقامي ٿاڻي ۽ عدالت ۾ پڻ داخل ڪرائي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button