
پاڪستان جي فلم ليجنڊ آف دي مولاجٽ جو ايڪشن سان ڀرپور ٽريلر نيٺ رليز ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق مداحن کي وڏو انتظار ڪرائيندڙ ميگا فلم جي ٽريلر مداحن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي ۽ ٽريلر ڏسندڙن ان جي ساراهه ڪئي آهي. فلم جي 2 منٽ 46 سيڪنڊن واري ٽريلر ۾ ماهرا، حمزا، فواد ۽ ٻيا ايڪشن ۾نظر آيا آهن. جڏهن تھ ٽريلر ۾ ويڙهه، محبت ۽ انتقام سميت ايڪشن منظرن مداحن جي دلين کي موهي وڌو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هدايتڪار بلال لاشاري جي فلم 13 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.