شوبز

منهنجي اداڪارا ٿيڻ بعد خاندان ۾ دشمني پيدا ٿي: هانيا عامر

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا هانيا عامر ٻڌايو آهي تھ منهنجي اداڪارا بڻجڻ سان خاندان وارن ۾ دشمني پيدا ٿي وئي، جنهن سبب اسان جا اختلاف اڃا ختم ناهن ٿي سگهيا. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ، والد ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو، جنهن سبب والدا، مان ۽ ڀيڻ ناناڻن وٽ اچي رهياسين، جن منهنجو گهڻو ساٿ ڏنو، پر اڳتي هلي معاملا درست نھ رهيا. هن چيو تھ ڪيريئر جي پهرين فلم جانان ڪرڻ جو رٿيو، والدا جي منع ڪرڻ باوجود راضي ڪيو، شوبز سرگرميون سوشل ميڊيا تي رکڻ تي منهنجي مامن ۽ ٻين مائٽن کي خبر پئي تھ انهن روڪيو، جهيڙو ٿي پيو ۽ ائين اختلاف وڌيا. هن ٻڌايو تھ مان اڄ اسٽار آهيان، خاندان وارا ملن ٿا، اسان ۾ فاصلو ۽ اختلاف اڃا بھ ختم ناهن ٿي سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button