شوبز

عمران خان کي منهنجا گهرڀاتي سڃاڻن ٿا: سدرا نيازي

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سدرا نيازي انڪشاف ڪيو آهي تھ سندس گهرڀاتي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سڃاڻندا آهن. ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ سدرا نيازي جو چوڻ هو تھ نيازي قبيلو گهڻو وڏو ناهي، تنهنڪري اهي هڪٻئي سان وڌيڪ ڳنڍيل هوندا آهن، جڏهن منهنجي ڏاڏي زندا هئي تھ عمران خان هڪ ڀيري ساڻس ملڻ آيو هو، منهنجي عمر صفا ننڍي هجڻ ڪري ڪجهه بھ ياد ناهي. هن چيو تھ منهنجي عمر وارا مائٽ عمران خان نٿا سڃاڻن. هن ٻڌايو تھ نيازي قبيلي وارا پنهنجي نالي سان خان لڳائيندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button