شوبز

منهنجا ڪجهه ماسات اڄ بھ ڪراچي ۾ رهندا آهن: جوهي چاولا

بالي ووڊ فلمن جي مشهور اداڪارا جوهي چاولا چيو آهي تھ منهنجا ڪجهه ماسات اڄ بھ ڪراچي ۾ رهندا آهن. ميڊيا مطابق جوهي چاولا جي انٽرويو جو هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ کيس پاڪستان ۾ پنهنجي خاندان جي فردن بابت ڳالهائيندي ٻڌي سگهجي ٿو. جوهي چاولا جو چوڻ هو تھ والدين ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ رهندا هئا، اسان جو خاندان بعد ۾ ڀارت اچي رهيو آهي، منهنجو والد بيريسٽر هو، ان جي پاڪستان ۾ تمام گهڻي ملڪيت هئي، جيڪا ڇڏي آياسين. جڏهن تھ ماسي جي شادي بزنس مين جگديش چاند آنند سان ٿي، ان ڀارت اچڻ کان انڪار ڪيو، ماسڙ جگديش چاند آنند پروڊيوسر هو ۽ سندس ڪمپني ايورڊي پڪچرز وڏيون فلمون ڏنيون آهن. هن چيو تھ منهنجا ڪجهه ماسات ڀارت اچي ويا آهن، پر انهن مان گهڻا هاڻ بھ ڪراچي ۾ ئي رهندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button