شوبز

سرن کي امر بڻائيندڙ نيرا نور ڪراچي ۾ سڄي ڄمار خاطر آرامي

پاڪستان جي ليجنڊ ڳائڻي ۽ سرن کي پنهنجي مڌر آواز سان امر بڻائيندڙ نيرا نور ڪراچي جي مٽي ۾ آرامي ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڳائڻي نيرا نور بيماري سبب 71 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ ڏينهن دم ڏنو، سندس وفات جي تصديق ڀائٽي رات دير سان ڪئي آهي. هوڏانهن نيرا نور جي جنازي نمار امام بارگاهه يثرب ڊفينس ڪراچي ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه کي ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾ سندس مڙهه جي تدفين ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ نيرا نور جي آخري رسمن ۾ گهرڀاتين، شوبز دنيا جي شخصيتن ۽ رهواسين شرڪت ڪئي آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جاري ڪيل پيغام ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ نيرا نور جي ترنم ۽ سوز ۾ خاص سڃاڻپ هئي، سندس وفات سان اهو خال ڀرجي نھ سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button