شوبز

بلوچ راڳي وهاب بگٽي جو گهر برساتي بوڏ ۾ ڊهي پيو

ڪوڪ اسٽوڊيو جي مشهور گيت ڪناياري ڳائي شهرت ماڻيندڙ بلوچ راڳي وهاب بگٽي جو ڪچو گهر تازين برساتن ۾ ڊهي پيو آهي، جنهن سبب هو بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺو آهي. ميڊيا مطابق بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد جي رهواسي وهاب بگٽي ڪناياري گيت ڳائڻي پنهنجي صلاحيتن کي تسليم ڪرايو، جيڪو هن وقت تازين شديد برساتن ۾ گهر ڊهڻ سبب پنهنجي معصوم ٻارن ۽ ٻين گهرڀاتين سميت دربدر ٿي ويو آهي، جنهن جون تصويرون پڻ وائرل ٿي ويون آهن. هوڏانهن ڳائڻي حديقا ڪياني راڳي وهاب بگٽي سميت سمورن متاثرن جي مدد جو اعلان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button