شوبز

يمنا زيدي ٿڌي پاڻي ۾ منهن وجهي مداح حيران ڪيا

پاڪستاني اداڪارا يمنا زيدي يخ ٿڌي پاڻي ۾ پنهنجو منهن وجهي مداحن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق يمنا زيدي کي ميڪ آرٽسٽ عدنان انصاري آئيس بڪيٽ چيلنج ڏنو، جنهن کي هن پورو ڪري ڏيکاريو، ڇاڪاڻ تھ ميڪ آرٽسٽ جو چوڻ آهي تھ ائين ڪرڻ سان ميڪ اپ گهڻي دير تائين هلندو آهي. هوڏانهن پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي پڻ يمنا والدين نھ وساريو ۽ انهن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو تھ، والدين ڪاميابي جو راز آهن، انهن جي سهڪار بنا اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي، مان اڄ جيڪو ڪجهه آهيان، والدين جي ڪري آهيان، انهن مون کي بهادر بڻايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button