
پاڪستاني اداڪارا نمرا بچا ويب سيريز فلم مس مارول ۾ ڪم ڪرڻ بعد هڪ ٻي عالمي پراجيڪٽ جو حصو بڻجي وئي آهي، جيڪا ڪينيڊين فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي. ميڊيا مطابق نمرا بچا مشهور فلم ميڪر فوزيا مرزا پنهنجي فلم مي، مام ۽ شرميلا ۾ ڪاسٽ ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ فلم ۾ بولڊ ويب سيريز جي اداڪارا امرت ڪور ۽ اسڪرين ايوارڊ کٽيندڙ حمزا حق کي پڻ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نمرا بچا مداحن کي ڪينيڊين فلم جو حصو بڻجڻ جي آگاهي ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.