مس انگلينڊ جي حسن واري مقابلي ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ماڊل ميڪ اپ ڪرڻ بنا ئي فائنل ۾ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق مس انگلينڊ جي هڪ صدي تي پکڙيل تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بنا ميڪ اپ جي ماڊل مقابلي ۾ پاڻ مڃائي مس بيوٽي ڪوئين جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ 20 ورهين جي شاگردياڻي ميليسا رائوف ميڪ اپ بنا سونهن جو سيمي فائنل کٽي فائنل ۾ پهتي آهي. ميليسا رائوف جو چوڻ هو تھ ڪا ڇوڪري ميڪ اپ بنا چهرو ڏيکارڻ تي خوش آهي تھ ان جي اجازت ملڻ کپي. هن چيو تھ ميڪ اپ ڪرڻ هڪ قسم جو پريشر هوندو آهي.