
ڀارتي اداڪارا سونالي ڦوگٽ جي آخري رسمن جي ادائيگي وقت ارٿي کي سندس 15 ورهين جي نياڻي پاران ڪلهو ڏيڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو، رسمن ۾ شريڪ ماڻهو ڳوڙها روڪي نھ سگهيا. ميڊيا مطابق سونالي جي نياڻي يشوڌرا امڙ جي ارٿي کي ڪلهو ڏيڻ وقت زارو قطار روئي پئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.