شوبز

ترڪ ڳائڻي گلسين مذهبي اسڪول تي لطيفو ٻڌائڻ تان گرفتار

ترڪي جي مشهور پاپ ڳائڻي گلسين مذهبي اسڪول تي لطيفو ٻڌائڻ تان گرفتار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڳائڻي گلسين تي هڪ سال اڳ لائيو ٽي شو دوران لطيفو ٻڌايو، جنهن بعد تڪرار جي لهر اڀري آئي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن هٿان گلسين تنقيد جو نشانو بڻجي وئي. هوڏانهن گلسين جي مداحن مداحن حڪومتي قدم جي مذمت ڪندي سندس گرفتاري کي بنا جواز قرار ڏنو آهي. مداحن الزام لڳايو تھ، گلسين کي سندس لبرل خيالن سبب حڪومت نشانو بڻائي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button