
پاڪستاني اداڪارا اشنا شاهه سيلفي شيئر ڪري ڇتي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق اشنا شاهه پنهنجي بولڊ انداز ۾ هڪ سيلفي شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ اها موسم جا مزا وٺندي نظر اچي رهي آهي، پر سندس اهڙي بولڊ انداز کي ڏسي مداح ڪاوڙجي پيا ۽ انهن کيس ڏکئي وقت ۾ اهڙي عمل تي حيا ڪرڻ جا مشورا ڏنا آهن. مداحن تنقيد ڪندي لکيو تھ، برسات جي ڏهاڙن ۾ اهڙي سيلفي رکڻ بدران اوهان کي حيا ڪرڻ گهرجي، پر ترسو، شايد اوهان جهڙن ماڻهن تي عوام مٿان برپا ڏکئي وقت سان ڪو فرق نٿو پوي.