شوبز

ٽيلر سوئفٽ ايم ٽي وي وڊيو ميوزڪ جا 3 مک ايوارڊ کٽي ورتا

آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ ايم ٽي وي وڊيو ميوزڪ جا 3 مک ايوارڊ کٽي باقي راڳين کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايم ٽي وي وڊيو ميوزڪ ايوارڊ جي مختلاف ڪيٽيگرين ۾ ڪيترائي راڳي نامزد ڪيا ويا، جن مان ٽيلر سوئفٽ سال جي بهترين وڊيو، بهترين هدايتڪار ۽ لانگ فارم وڊيو جا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جڏهن تھ ڳائڻي نڪي مناج وڊيو وينگارڊ ۽ هپ هاپ ۾ ڪامياب ٿي. اهڙي ريت سال جي بهترين آرٽسٽ جو ايوارڊ بيڊ بني کٽيو آهي. بلي ايلش جي گيت هيپيئر دين ايور بهترين گاني جو ايوارڊ ماڻي ورتو، ڊووا ڪيمرون نيو آرٽسٽ جو ايورڊ حاصل ڪيو آهي. راڳي لل ناس ايڪس بھ مختلف ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ ماڻيا آهن. جڏهن تھ نامزدگين باوجود ايڊلي، جسٽن بائيبر، دعا ليپا، ڪينڊرڪ لامار، ميڊونا ۽ ٻيا مشهور ڳائڻا ڪوبھ ايوارڊ ماڻي نھ سگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button