
برطانوي شهزادي هيري جي زال ڊچز آف سسيڪس ميگهن مرڪل انڪشاف ڪيو آهي تھ منهنجي حوالي سان شاهي خاندان ۽ پنهنجي مائٽن کي معاف ڪرڻ ايڏو سولو ناهي. برطانوي رسالي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ منهنجي خيال ۾ معاف ڪرڻ انتهائي اهم ڳالهه آهي، پر شايد ان ڏس ۾ وڏي همٿ گهرجي. هن چيو تھ مون حقيقت ۾ تمام وڏي ڪوشش ڪئي، اها خبر هوندي تھ مان ڪجهه بھ چئي سگهان ٿي. هن جو چوڻ هو تھ هيري هڪ ڀيري ٻڌايو هو تھ موجودا صورتحال ۾ هن پنهنجو والد وڃايو آهي، ضروري ناهي تھ هو بھ مون جيان ئي سوچي. هن چيو تھ هاڻ مان سوشل ميڊيا تي واپس اچڻ جو سوچي رهي آهيان.