پاڪستاني فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور پر تڪراري ليکڪ خليل الرحمان قمر چيو آهي تھ ماهرا خان کي مون معاف ڪيو آهي، پر کيس فلمن يا ڊرامن ۾ ڪاسٽ نھ ڪندس. هڪ انٽرويو دوران هن جو چوڻ هو تھ عورت منهنجي آڏو محترم آهي، ٻن ٽڪن جي عورت وارو ڊائيلاگ رڳو ڪردار ۾ هو، جنهن کي هڪ سوچ يا سڀني عورتن بابت نھ سمجهڻ گهرجي. هن چيو تھ عورت وڌيڪ ذميدار هجي ٿي تھ، ڇوتھ مرد گناهه ڪري تھ هڪ فرد ۽ جي عورت ائين ڪندي تھ سڄو نسل تباهه ٿي ويندو آهي. هن چيو تھ ماهرا خان مون کي معافي ڏيڻ واري ڪير ٿيندي آهي، اهو واضع آهي تھ مون کي ان جي ضرورت نھ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close