شوبز

شادي کان اڳ مهڻا مليا تھ دپيڪا جي لائق ناهيان: رنوير سنگهه

بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه تازو ئي نامناسب فوٽو شوٽ تي تنقيد جو نشانو بڻجڻ بعد فلم فيئر جو مک ايوارڊ کڻي مخالفن جو وات بند ڪري ڇڏيو آهي، رنوير سنگهه جو چوڻ آهي تھ زندگي کي آسان بڻائڻ خاطر وڏي جدوجهد ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ شادي کان اڳ مهڻا مليا تھ دپيڪا جي لائق ناهيان، منهنجي حيثيت ان کي ماڻڻ واري ناهي. هن اهو پڻ انڪشاف ڪيو تھ ڪترينا ۽ وڪي ڪوشل جي شادي کان اڳ وڪي کي بھ اهڙن ئي مهڻن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ياد رهي تھ رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪون بهتري اداڪارن جا فلم فيئر ايوارڊ کٽيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button