پاڪستاني اداڪارا حرا ماني نئين وڊيو شيئر ڪرڻ تان نفسياتي قرار ڏئي تنقيد جو نشانو بڻائي وئي آهي. ميڊيا مطابق پرڏيهه ۾ ڪنسرٽ دوران ضد ڪري ڳائڻ سبب مداح اڳ ئي حرا ماني تي ڪاوڙيا هئا، جنهن دوران هن مڙس ماني سان گڏ پنهنجي نامناسب انداز ۾ وڊيو شيئر ڪري مداحن کي تنقيد جو موقعو ڏنو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ حرا ۽ سندس مڙس ماني ڪارپيٽ تي سمهي فوٽو شوٽ ڪرائيندي وڊيو رکي آهي، جنهن تي مداحن حرا ۽ سندس مڙس کي وائڙي جوڙي سڏيو آهي. جڏهن تھ مداحن ڪمنٽس ۾ لکيو تھ، حرا ۽ ماني وائڙن جي جوڙي آهي، هاڻ لڳي ٿو تھ حرا نفسياتي مريض بڻجي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close