بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا نورا فتحي کان فراڊ ۽ ڀتاخوري ڪيس ۾ 4 ڪلاڪ آڏي پڇا ٿي آهي. ميڊيا مطابق نورا فتحي کي دهلي پوليس ٿاڻي تي گهرائي هر رخ کان معلومات حاصل ڪئي آهي، جيڪا شاهد طور پيش ٿي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ نورا فتحي کان پوليس 200 ڪروڙ رپين جي فراڊ ۾ ملوث ۽ ڀتو وٺندڙ جوابدار چندر شيکر کان قميتي تحفا وٺڻ جي الزامن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. ان حوالي سان نورا فتحي جو چوڻ آهي تھ مون کي جوابدار چندر شيکر جي زال خيراتي پروگرام ۾ شرڪت خاطر گاڏي ڏني هئي، جيڪو تحفو هئي، مان شاهد طور پيش ٿي آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close