
پاڪستان جي صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪارا مهوش حيات ٻوڏ متاثرن جي سهائتا جي اپيل ڪندي چيو آهي تھ عالمي ادارا ۽ شخصيتون اڳتي اچن. مهوش حيات پنهنجي پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ ٻوڏ ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهن جي مدد سموريون ڌريون گڏجي ڪن، ڪو اڪيلو مدد نٿو ڪري سگهي.