پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر کي ٻوڏ متاثر ڇوڪري سان راشن ڏيڻ بهاني ريپ ڪرڻ واري واقعي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق عائشا عمر واقعي کي انتهائي شرمناڪ قرار ڏيندي سوال ڪيو آهي تھ، مان پڇڻ چاهيان ٿي تھ ڇا اهڙن شرمناڪ واقعن جي پڄاڻي ٿيندي. هن جو چوڻ هو تھ هراسمينٽ، چوري، ڦرلٽ، تشدد، تذليل بعد هاڻ اهڙن واقعن جو ٿيڻ بھ رهيل هو. هن چيو تھ مان روزانو اهو سوچيندي آهيان تھ پاڪستان ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ بابت ڇا ڪجي، پر بدقسمتي سان هي اونداهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close