
پاڪستان جي مشهور اداڪارا مهوش حيات اعلان ڪيو آهي تھ اها ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻ وڃي متاثرن جي مدد ڪندي. ميڊيا مطابق مهوش حايت پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي رکيل پوسٽ ۾ آگاهي ڏني آهي تھ اها متاثرن جي صورتحال جو مشاهدو ڪرڻ خاطر متاثر علائقن ۾ وڃي رهي آهي. هن جو چوڻ هو تھ متاثر علائقن ۾ وڃي ڏسڻ چاهيان ٿي تھ ماڻهن جون حقيقي ضرورتون ڪهڙيون آهن. هن چيو تھ منهنجو خيال آهي تھ سوشل ميڊيا تي ويهي ماڻهن جي تڪليف محسوس نھ ٿيندي.