![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/09/international-actors-e1662457114829-780x470.jpg)
پاڪستان ڄاين عالمي فنڪارن ٻوڏ ۽ برساتن سبب تباهين جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي مدد لا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اهي هر حوالي سان سرگرم ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق آمريڪا ۽ برطانيا سان تعلق رکندڙ اداڪار ۽ اداڪارائن فنڊ گڏ ڪرڻ جي مهم بھُ هلائي آهي، جن مان ڪميل ننجياني، جميلا جميل ۽ ليکڪ قاسم راشد ماڻهن کي فنڊ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. هنن پنهنجي پنهنجي مهم دوران ماڻهن کي متاثرن جي اپيل ڪرڻ سان گڏ اها شڪايت پڻ ڪئي آهي تھ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن کي عالمي ڪوريج نھ ملڻ تي افسوس آهي.