شوبز

صبا قمر پيار کي اڳيان وڌڻ جو اهڃاڻ قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستاني اداڪارا صبا قمر پيار يا محبت کي اڳيان وڌڻ جو اهڃاڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق فيشن برانڊ جو فوٽُ شوٽ مڪمل ڪرائڻ بعد صبا قمر ان جون تصويرون شيئر ڪري انهن تي دل جي ڳالهه وارا ڪيپشن ڏنا آهن، جن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي. صبق قمر فوٽو شوٽ کي ڪيپشن ڏيندي لکيو آهي تھ محبت تھ پنهنجو رستو پاڻ ئي ڳولي اڳتي وڌي ويندي آهي، زندگي يقينن مختصر آهي، ان کي لباس سان حسين بھ بڻائي سگهو ٿا. هن لکيو تھ ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي تھ محل جون سڀ سرون مون تي اڇليون ويون. جڏهن تھ هن ڪيپشن ۾ هڪ گيت جا ٻول پڻ لکيا، جن مداحن کي موهي وڌو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button