پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مريم نفيس مڙس امان سان گڏ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن وٽ پهچي سندن مدد ڪئي، جنهن دوران اها متاثرن جي حالت ڏسي ڏکاري ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق مريم نفيس امدادي سامان جي ٽرڪ آڻي متاثرن ۾ ورهائي کين آٿت ڏني. هن جو چوڻ هو تھ سنڌ ۾ ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن بکن تي گذارين ٿا، اهي تڪليف ۾ آهن. هن جو چوڻ هو تھ مون کي ٻار اڌ اگهاڙي حالت ۾ مليا، اميد واريون عورتون ۽ ٻيا ماڻهو کليل آسمان هيٺ رهن پيا. هن چيو تھ متاثرن جي زندگي مڇرن، گندگي ۽ ٻي ڪنهن بھ سهولت بنا گذري رهي آهي، اهڙي حالت ۾ مون پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close