شوبز

جيڪولين ۽ نورا بابت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نوان انڪشاف

بالي ووڊ جي ٻن خوبصورت اداڪارائن جيڪولن فرنانڊس ۽ نورا فتيحي بابت 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. ميڊيا مطابق ڪيس جي جاچ ڪندڙ اقتصادي ڏوهن واري ونگ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ ڪيس جي جوابدار سڪيش جي ڏوهاري هجڻ باوجود جيڪولين تعلقات رکي شادي ڪرڻ چاهي، پر نورا فتيحي ان سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيا هئا. ان حوالي سان ڳالهائيندي جاچ آفيسر رويندر يادو چيو آهي تھ نورا فتيحي سڪيش تي شڪ بعد تعلق ختم ڪيو ۽ بي ايم ڊبليو گاڏي بھ سندس ڀيڻويي ورتي هئي، پر ڪيس ۾ جيڪولين جي ڏس ۾ پريشاني واري ڳالهه سامهون اچي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button