شوبز

نورا فتيحي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي

بالي ووڊ فلمن ۾ ڊانسنگ گرل نورا فتيحي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي. ميڊيا مطابق 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران دهلي پوليس جو چوڻ آهي تھ سڪيش جي چندر شيکر جي ڀتا خوري بابت نورا کي ڪابھ ڄاڻ نھ هئي، نورا فتيحي کي جيئن ئي خبر پئي تھ ڪجهه غلط پيو ٿئي تھ هن پوليس سان رابطو ڪيو هو. اداڪارا جي ٽيم جو چوڻ هو تھ اڪنامڪ افينسز ونگ جي جاچ آفيسر بھ مڃيو تھ نورا بي ڏوهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button