
هالي ووڊ جي سپر اسٽار ۽ گڏيل قومن جي سفير انجلينا جولي پاڪستان اچي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا مطابق اعتبار ذريعن دعوا ڪئي آهي تھ انجلينا جولي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جو رٿيو آهي ۽ ان ڏس ۾ اها پاڻ اچي معاملن کي ڏسڻ چاهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ انجلينا جولي جلد پاڪستان اچي رهي آهي، جنهن جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن.