شوبز

مزاح سان مرڪون وکيريندڙ ڀارتي ڪاميڊين راجو شري واستو ديهانت ڪري ويو

پنهنجي دلچسپ جملن ۽ مزاح سان اداس چهرن تي مرڪون وکيريندڙ ڀارتي ڪاميڊين ستيا پرڪاش عرف “راجو” شري واستو لڳ ڀڳ سوا مهيني تائين زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ بعد 58 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق مزاحيا فنڪار راجو شري واستو کي 10 آگسٽ تي دل جو دورو پوڻ بعد نئين دهلي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي تمام تيز بخار سبب کيس پهرين سيپٽمبر تي وينٽيليٽر ذريعي مصنوعي نموني ساهه کڻايو پئي ويو پر هن اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، راجو جي موت بابت سندس گهرواري شيکا شري واستو تصديق ڪري ڇڏي آهي. راجو شري واستو کي 10 آگسٽ تي ان وقت دل جو دورو پيو جڏهن هو جم ۾ ڊوڙڻ واري مشين (ٽريڊ مل) تي ورزش ڪري رهيو هو، وڌيڪ ورزش ڪرڻ سبب سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي هئي. ياد رهي ته راجو شري واستو 1980ع واري ڏهاڪي کان شوبز جي دنيا ۾ پير پاتو پر ڀارتي ٽي وي جي مزاحيا ريئلٽي شو “گريٽ انڊين لافٽر چئلينج” جي پهرين سيزن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ بعد راجو جي مقبوليت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، هن ڪيترين ئي فلمن ۾ يادگار ڪردار پڻ نڀايا. راجو شري واستو زال شيکا سان گڏ 2 ٻار سوڳوار ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button