بالي ووڊ فلمن جي سندري سونم ڪپور آهوجا پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي پهرين تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي آهي. سونم ڪپور جي مداحن کي سندس پٽ ڏسڻ جو شدت سان انتظار هو ۽ نيٺ هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مڙس آنند آهوجا ۽ پٽ سان گڏ نڪتل تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ٽنهي کي ڦڪي رنگ جو لباس پهريل آهي. اداڪاره تصوير جي ڪئپشن ۾ پنهنجي پٽ جو نالو “وايو” ۽ ان جو مطلب پڻ ٻڌايو آهي. سونم پنهنجي پٽ جي نالي جو مطلب ٻڌائيندي لکيو ته وايو جي معنيٰ زندگي جو ڀڳوان آهي، جيڪو زندگي ۽ عقل کي رهنمائي ڏيندڙ آهي. واضح رهي ته بالي ووڊ جي مقبول هيرو انيل ڪپور جي نياڻي سونم ڪپور چار سال اڳ 8 مئي 2018ع ۾ آنند آهوجا سان شادي ڪئي هئي ۽ ٻنهي کي گذريل مهيني 20 آگسٽ تي پٽ جي صورت ۾ پهريون اولاد ٿيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close