شوبز

اداڪار فيروز خان تي گهرواري جو تشدد ۽ بي وفائي ڪرڻ جو الزام

لاهور :اداڪار فيروز خان تي سندس گهرواري ذهني ۽ جسماني تشدد ۽ بي وفائي جو الزام هڻندي چيو آهي ته هو سڄي زندگي اهڙي خوفناڪ انداز ۾ نٿي گذاري سگهي. عليزا سلطان جو چوڻ آهي ته شادي جا 4 سال انتهائي تلخ هئا، جنهن دوران مون سخت ذهني ۽ جسماني اذيتون برداشت ڪيون. شاديءَ دوران مڙس کان بي وفائي، بليڪ ميلنگ ۽ ذلت برداشت ڪرڻي پئي. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتي آهيان ته پنهنجي سڄي زندگي اهڙي خوفناڪ انداز ۾ نٿي گذاري سگهان. عليزا سلطان خان چيو ته هن پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل ۽ ڀلائي لاءِ فيروز خان کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊپ آهي ته جيڪو وقت آئون هنن سان گذاريندس، ان جا منهنجي ٻارن جي ذهنن تي منفي اثر پوندا، مان پنهنجي ٻارن کي سيکاريندس ته ڪو به زخم ايترو ڳرو ناهي جو ڀرجي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button