شوبز

ڪوٽڙي ۾ “ايمانداري” جي عنوان هيٺ مزاحيه اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي ڪلچر ڪامپليڪس ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس ۽ انڊس ويلي جي سهڪار سان ايمانداري جي عنوان هيٺ مزاحيه اسٽيج ڊرامو منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اداڪارن منظور مراد، اسرار لغاري، سنڌيه سنڌي، حسين خاصخيلي، ناصر بونيري، عرس چانڊيو، شهباز بلوچ سميت ٻين حصو ورتو.

جڏهن ته اسٽيج ڊرامي کي ڏسڻ لا ڪوٽڙي جي علمي ادبي ڌرين سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙن توڙي عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊرامي جي آرگنائيزر، فنڪارن ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اڄ به اسٽيج ناٽڪ جو دور آھي، ڀلي اسان جديد ميڊيا سان ڳنڊجي ويا هجون پر سماج جي ڀلائي وارا ڊراما عوام ۾ پزيرائي حاصل ڪن ٿا پر ساڳين وقت اداڪارن کي به عوام جي محبت ذريعي مڃتا ملي ٿي، اسان جي ڊرامي جو مقصد اهو هو ته ايمانداري معاشري کي بهتر ڪري سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button