شوبز

فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” اڳيان رڪاوٽون ختم، نمائش جون تياريون تيز

فواد خان، ماهرا خان ۽ حمزا علي عباسي جي ميگا بجيٽ پنجابي فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” کي سينسر بورڊ مان اجازت نامو ملڻ بعد نمائش جون تياريون ويتر تيز ٿي ويون آهن، فلم کي ايندڙ مهيني 13 آڪٽوبر تي پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رليز ڪيو ويندو. دي ليجنڊ آف مولا جٽ پنجابي ٻولي جي ڪلاسڪ فلم “مولا جٽ” کان متاثر ٿي تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فلم جا ڊائيلاگ پڻ ناصر اديب ئي لکيا آهن. فلم جي ڪاسٽ ۾ ماهرا خان، فواد خان، حمائما ملڪ، سرمد کوسٽ ۽ حمزا علي عباسي شامل آهن. شروعاتي مرحلي ۾ فلم مختلف تڪرارن جو شڪار رهي، تنهن ڪري نمائش ۾ تمام گهڻي دير ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button