
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر چيو آهي تھ مان ناڪاري ڳاليهن ۾ مصروف ٿي وقت ضايع ناهيان ڪندي. ميڊيا مطابق هڪ رسالي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران صبا قمر پنهنجي انداز، بولڊ تصويرن ۽ ڳالهين جي ڏس ۾ ٿيندڙ تنقيد ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. هن جو چوڻ هو تھ مون کي ٻين جي پرواهه ناهي هوندي، ڇوتھ ماڻهو اوهان جي هر ڳالهه مان عيب ڪڍندا آهن.