
پاڪستاني اداڪارا حميما ملڪ پاڪستاني ڊرامن ۾ هڪجهڙين ڪهاڻين سبب مايوسي جو شڪار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق حميما ملڪ ڊرام ۾ متعارف ٿيندڙ انداز ۽ هڪجهڙين ڳالهين تي هاڻ پريشان ٿيڻ جي پڻ نشاندهي ڪئي ۽ معاملن کي خوف جيان هجڻ بھ قرار ڏنو آهي. حميما ملڪ جو چوڻ هو تھ تازو ڊرامي جي شوٽنگ ڪرائي آهي، سڄو ڏينهن ڊائننگ ٽيبل تي رهيس، منهنجي خيال ۾ هن قسم جا ٽرينڊس خطرناڪ آهن.