شوبز

خليل الرحمان قمر شو ۾ تنقيد بعد پاڻ اچي معافي ُگهري:عروه حسين

ڪراچي :اداڪارا عروه حسين انڪشاف ڪيو آهي ته ڊراما رائٽر خليل الرحمان قمر لائيو شو ۾ مون تي تنقيد ڪرڻ بعد واپس اچي پاڻ معافي گهري. تازو ئي عروه حسين هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ فلم جي شوٽنگ دوران پنهنجي ۽ خليل الرحمان قمر وچ ۾ ٿيل جهيڙي بابت ڳالهايو هو. ان دوران ميزبان جي پڇيل سوال جي جواب ۾ عروه انڪشاف ڪيو ته خليل الرحمان قمر سرڪاري ٽي وي چينل تي مون تي تنقيد ڪئي هئي ۽ بعد ۾ هن مون کي ڀاڪر پائي معافي گهري هئي. عروه واقعي جي وضاحت ڪندي چيو ته اصل ۾ مون خليل الرحمان قمر جي لکيل فلم نه ڇڏي هئي، جڏهن مان تيار ٿيس ته شوٽنگ ڪينسل ڪئي وئي. جڏهن فلم جي شوٽنگ ٻيهر شروع ٿي ته انهن ڏينهن مون وٽ وقت نه هو ۽ مان مصروف هيس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button