شوبز

دپيڪا هالي ووڊ ۾ نسل پرستي جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا دپيڪا پڊوڪون هالي ووڊ ۾ نسل پرستي جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران دپيڪا پڊوڪون اهو پڻ اعتراف ڪيو تھ نسل پرستي جو نشانو بڻجڻ بعد ٻيهر هالي ووڊ ۾ ڪم نھ ڪيو آهي. دپيڪا پڊوڪون جو چوڻ هو تھ آمريڪا جڏهن بھ ويندي آهيان تھ اتي نسل پرستي سبب پريشاني ٿئي ٿي، ڇوتھ اتي ڪجهه نھ ڪجهه اهڙو ٿي ويندو آهي. هن چيو تھ اسان وٽ دنيا جا بهترين سائنسدان، ڊاڪٽر آهن ۽ ڪو ڊرائيور تھ ڪو اسٽور جو مالڪ بھ آهي، بس اسين اهو ئي آهيون. هن ٻڌايو تھ هڪ هالي ووڊ اداڪار ملاقات ۾ چيو تھ مان سٺي انگلش ڳالهايان ٿي، پهرين سمجهيم تھ تعريف ٿو ڪري، بعد ۾ پڪ ٿي تھ اها هڪ چٿر ئي هئي، هو سمجهن تا اسين انگريزي نٿا ڳالهائي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button