
هالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪارا ۽ ڊچز آف سسيڪس ميگهن مرڪل کي مشهور آمريڪي صحافڻ ليزا لنگ متاثر ڪندڙ ڳالهيون ڪرڻ واري شخصيت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق صحافڻ ليزا لنگ ميگهن جو انٽرويو ڪرڻ بعد سندس لڪل پاسا بيان ڪيا آهن. هن جو چوڻ هو تھ ميگهن مرڪل سان ڳالهائيندي مزو آيو، اها روشن خيالي سان ڀرپور عورت آهي، جيڪا متاثر ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪري ٿي. هن جو چوڻ هو تھ اميد تھ ماڻهو ميگهن بابت بي بنياد ڳالهين مان نڪري کيس سمجهندا.