شوبز

ڀارت جي آسڪر ايوارڊ ۾ نامزد فلم جي چائلڊ اسٽار فوت

ڀارت جي آسڪر ايوارڊ جي پرڏيهي ڪيٽيگري ۾ نامزد فلم ڇيلو شو ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ چائلڊ اسٽار راهل ڪولي فوت ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق فلم ۾ اهم ڪردار ڪندڙ 15 ورهين جي راهل ڪولي ڪينسر جي بيماري سبب ديهانت ڪيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ آنجهاني اداڪار کي تيز بخار ۽ الٽين سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي علاج دوران دم ڏنو. راهل ڪولي جي عمر فلم ۾ ڪم ڪرڻ وقت 10 سال هئي، سندس ڪردار ڇهن ٻين ٻارن سان گڏ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button