شوبز

شڪيرا به ايراني عورتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڪولمبيا: مشهور ڪولنمبين ڳائڻي شڪيرا به ايراني عورتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. شڪيرا پنهنجي انسٽاگرام جي پوسٽ تي ٻاويهه ورهين جي مهسا اميني جي تصوير شيئر ڪندي ايراني عورتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. شڪيرا تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هوءَ مهسا اميني جي خاندان، ايران جي عورتن، اسڪول جي شاگردياڻين ۽ انهن سمورن ماڻهن سان گڏ آهي جيڪي اظهارآزاديءَ جي ويڙهه وڙهن ٿا. واضح رهي ته گذريل مهيني پورو حجاب نه ڪرڻ تي ٻاويهه ورهين جي مهسا اميني کي گرفتار ڪري پوليس شديد تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ ڪوما ۾ هلي وئي ۽ سور نه سٺي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ان واقعي تي سڄي ايران ۾ پنجويهن ڏينهن کان مظاهرا هلندڙ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button