
بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا رڪل پريت دوست اداڪار جيڪي ڀاڳناڻي سان شادي جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق رڪل پريت ۽ جيڪي ڀاڳناڻي ممبئي ۾ هڪ تقريب ۾ گڏجي شريڪ ٿيا، جتي صحافين رڪل پريت کان شادي ڪرڻ بابت سوال پڇي ورتو، جنهن جي جواب ۾ هن افواهن کي رد ڪندي اجايون ڳالهه چئي تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ صحافين جي اهڙي سوال تي جوڙو مسڪرائيندو رهيو ۽ واپس هليو ويو.