
پاڪستاني اداڪار سونيا حسين دعوا ڪندي چيو آهي تھ عورت کي ساٿي طور مرد جي ضرورت ناهي، جڏهن مرد اڪيلو رهي سگهي ٿو تھ عورت بھ رهي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ مون کي پنهنجي اولاد جي خواهش آهي، پر ان کان اڳ ڪو يتيم ٻار هنج وٺڻ چاهيان ٿي. هن چيو تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي ثقافت ۾ گهڻو فرق ناهي، سياسي ڇڪتاڻ سبب پري آهن. هو سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ اڇو رنگ حسن جو معيار ناهي، الائي ڇو اسان جهڙن ۾ معاشرن ۾ اهو فرق موجود آهي.