
پاڪستاني اداڪارا نيمل خاور فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ ۾ مڙس حمزا علي عباسي جي ڪيل اداڪاري تي فخر جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ نيمل خاور جو چوڻ هو تھ حمزا تنهنجي اداڪارا لاجواب آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي تھ ڪهڙي پاسي جي ساراهه ڪيان، تو جيڪو ڪم ڪيو، ان جي جيتري بھ ساراهه ڪيان، اها گهٽ هوندي، واقعي آرٽسٽ طور تنهنجو ڪم لاجواب آهي.