
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مهوش حيات فيشن برانڊ جي فوٽو شوٽ ۾ ڪنوار بڻجي وئي، جنهن جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق مهوش حيات فيشن برانڊ جي نئين برائيڊل لباس کي متعارف ڪرائڻ جي ڏس ۾ فوٽو شوٽ ڪرايو آهي، جنهن جون تصويرون شيئر ٿيندي اهي مداحن کي وڻي ويون آهن، جن سندس انداز ۽ ڪنوار واري روپ جي هر حوالي سان ساراهه ڪئي آهي.