
پاڪستان جي وڏي بجيٽ واري فلم دي ليجنڊ آف دي مولاجٽ 10 ڏينهن اندر 100 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري فلم انڊسٽري ۾ تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق فلم جي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار بلال لاشاري فلم جي بزنس جا انگ اکر شيئر ڪندي ڄاڻ ڏني آهي تھ فلم 100 ڪروڙ ڪمائي بزنس جو اهم هدف ماڻي ورتو آهي.