پاڪستان جي ميوزڪ بينڊ ڪوڪ اسٽوڊيو ذريعي مڃتا ماڻيندڙ ڳائڻي ايوا بي جي حجاب ۾ تصوير ٽائيمز اسڪوائر تي لڳي وئي آهي. ميڊيا مطابق ايوا بي چهرو حجاب ساب ڍڪڻ باوجود بلوچي گيت ڪنا ياري ذريعي موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي. اسپاٽي فائي ايوا بي جي تصوير ٽائيمز اسڪوائر تي لڳڻ جي آگاهي ڏيندي تصوير شيئر ڪري ڪيپشن ۾ لکيو تھ
ٽائيمز اسڪوائر جو حصو بڻجندڙ ايوا بي پهرين دلڪش بلوچ ڳائڻي آهي، کيس پڻ ٻڌو وڃي. هوڏانهن ايوا بي جو چوڻ آهي تھ منهنجي تصوير ٽائيمز اسڪوائر تي لڳڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي.